ستيش روهڙا

ستيش روهڙا

ستيش روهڙا

ستيش روهڙا: هند سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، شاعر، لسانيات جي ماهر ۽ نقاد، ستيش روهڙا جو پورو نالو، ستيش ڪمار پٽ پمنداس روهڙا آهي. هن 15 آگسٽ 1929ع تي، دادو، سنڌ ۾ جنم ورتو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم سنڌ ۾ ئي حاصل ڪيائين ۽ ورهاڱي کانپوءِ والدين سان گڏ لڏي هند هليو ويو. جتي هن 1960ع ۾، گجرات يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪئي ۽ 1962ع ۾ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان هنديءَ ۾ ايم. اي ڪئي. ستيش روهڙا 1964ع ۾ ڊيڪن ڪاليج پوني مان لسانيات (Linguistics) ۾ پوسٽ گرئجوئيٽ ڊپلوما ڪئي ۽ 1965ع ۾ پوني يونيورسٽيءَ مان لسانيات ۾ ’ڪڇي ٻوليءَ جي تعريفي ڇنڊڇاڻ‘ موضوع تي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين.
ڊاڪٽر ستيش روهڙا، بنارس هندو يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترن سالن تائين هندي پڙهائيندو رهيو. ان کانسواءِ 1978ع کان 1989ع تائين ’يونيورسٽي آف گُيانا‘، گيانا ۾ ۽ جارج ٽائون (George Town)، ڏکڻ آفريڪا (South Africa) ۾ به ڪجهه سالن تائين هن هنديءَ جي پروفيسر طور پڙهايو. هو 1984ع کان 1990ع تائين هندي توڙي لسانيات جو پروفيسر رهيو. ڪيندريه هندي سنسٿان آگري جو وزيٽنگ پروفيسر پڻ رهي چڪو آهي.
ڊاڪٽر ستيش روهڙا بنيادي طور اسڪالر آهي. هن هندستان اندر ڪيترين ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪرڻ کان سواءِ آمريڪا، ڪئناڊا، انگلنڊ، فرانس، جپان، هانگ ڪانگ ۽ سنڌ ۾ به ڪيترين ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت پئي ڪئي آهي. سندس دلچسپيءَ جو اهم کيتر تنقيد رهيو آهي، ان حوالي سان سندس تنقيدي ڪتاب ’ڇنڊڇاڻ‘ وڏي اهميت رکي ٿو. لسانيات جي موضوع تي سندس ڪتاب ’ڀاشا ۽ ڀاشا وگيان‘ هڪ شاهڪار ڪتاب آهي. هن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ميدان ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون آهن ته شاعري به ڪئي آهي. سندس تاريخي ڪارنامو انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، آديپور (ڪڇ) جو قيام آهي، جنهن جو مقصد سنڌي ادب ۽ تهذيب جي بقا، سلامتي ۽ ترقي رهيو آهي. ان جو پهريون اعزازي ڊائريڪٽر رهيو آهي ۽ اڄ تائين ان جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر توڙي ٻين ڪيترين حيثيتن ۾ پنهنجن ساٿين: ڊاڪٽر موتي پرڪاش، لکمي کلاڻي، پريتم ورياڻي، صاحب بجاڻي، ومي سدارنگاڻي ۽ ٻين سان گڏ هن اداري جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو. ڊاڪٽر ستيش روهڙا، لغات نويس به آهي، هن جي چيف ايڊيٽريءَ ۾، انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، آديپور، تازو Standard Trilingual Dictionary (Sindhi- Hindi- English)، 2011ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪوشش ڪري عام استعمال جا لفظ ڏنا ويا آهن.
ستيش روهڙا جي ٻين ڇپيل ڪتاب جو ڪجهه تفصيل هن ريت آهي:
(1) ڀاشا ۽ سنڌي ڀاشا (1971ع)، (2) سنڌي ٻوليءَ جي آتم ڪٿا (1971ع)، (3) سـنڌالاجـي (1972ع)، (4) ڀاشا ايوم هندي ڀاشا (هـنديءَ ۾: 1972ع)، (5) ڪوش وگيان ڪوش (هندي: 1979ع)، (6) تپسوي ونوڀا ڀاوي جي جيوني (1989ع)، (7) رشتـو (ڪهاڻيون)، (8) ڇنڊڇاڻ (تنقيد: 1995ع)، (9) اونده جو ســچ (ڪهـاڻيــون: 1997ع)، (10) ڪوتا کان ڪوتا تائين (2000ع)، (11) سنڌي ۽ ڪڇيءَ جي وابستگي (2000ع)، (12) ڀاشا، ساهتيه ۽ سماج (2003ع)، (13) ڪلچرل باءِ پاس سرجري (2003ع)، (14) ڀاشا ۽ ڀاشا گيان (2001ع)، (15) تنها (شاعري
(16) Teaching Hindi to the Foreigners، (17) Sindhi Vani.
پاڻ هن وقت آديپور، ڪڇ ۾ رهائش پذير آهي ۽ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت تي ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ ستيش روهڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.08.15  عيسوي

هند سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، شاعر، لسانيات جي ماهر ۽ نقاد، ستيش روهڙا جو پورو نالو، ستيش ڪمار پٽ پمنداس روهڙا آهي. هن 15 آگسٽ 1929ع تي، دادو، سنڌ ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پدم راج شرما
پنجواڻي رام پروفيسر
رياضت ٻرڙو
روپ ڪمار گھايل
طارق اشرف
رزاق سهتو
عثمان علي انصاري
شيرين فيروز نانا
علي بابا
حسن عابدي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون